SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


خوجڪي رسم الخط


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

خوجڪي رسم الخط

(Khojki Script)

خوجڪي رسم الخط به سنڌي رسم الخط جو پراڻو نمونو آهي، جنهن ۾ اسماعيلي خوجن جو مذھبي ادب لکيو ويو آهي. اھا لپي پير صدر الدين ايجاد ڪئي، يا ان ۾ اصلاح ڪئي. ان کي ”چاليھھ اکري“ يا ”پير صدر الدين (1290-1409ع) جي سنڌي“ يا ”خوجڪي سنڌي“ به چيو وڃي ٿو. خوجڪي سنڌي خصوصي طور تي خوجا ڪميونٽي استعمال ڪندي آھي. جيتوڻيڪ اسماعيلي خوجن جو تعلق ايران-سينٽرل ايشيا سان هو، پر سنڌ ۾ انهن جي تبليغ جو ذريعو مقامي ٻولي هئي جنهن ڪري سندن رسم الخط ۽ ادب جو اثر سنڌ ۾به ٿيو. خوجڪي رسم الخط جو تعلق کاٻي هٿ کان شروع ٿيندڙ رسم الخط سان آھي، جنهن جي الفابيٽ ۾ ماترائون ناگري لپيءَ وانگر لڳايون وينديون آھن، خوجڪي رسم الخط ۾ لکيل ڪيتروئي مواد موجود آهي، جنھن ۾ گنان به اچي وڃن ٿا.


Remember Me Also:

تنبڻ

مصدر. [ف. تَنبِيدَن = ڏڪڻ، لرزڻ] هيٺ مٿي ٿيڻ هوا ۾. دَنگَڻُ ڪنهن نرم شيءِ جهڙوڪ کٽ وغيره تي ، ٽپڻ ، ڪُڏڻ احمق وهٽ جيان. چُرڻ پُرڻ ، سک ڪري نه بيهڻ ذهين يا ڀلي گهوڙي وانگر. ڦِرڻ باز جو پنهنجي شڪار مٿان. هوا ۾ ڦٿڙڻ يا هيٺ مٿي ٿيڻ پکيءَ وانگر. جو

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal